اسلام آباد: پاڪستان ڪورونا جي نون قسمن کي روڪڻ لاءِ ايران ۽ افغانستان سان پنهنجون سرحدون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) هڪ اينٽي ڪورونا ايجنسي جو اجلاس، افغانستان ۽ ايران سان زميني سرحدي انتظامن جي جائزي لاءِ جائزو ورتو ويو ته جيئن وائرس جي نون قسمن ۽ نئين ميوٽيشنز کي روڪي سگهجي. اين سي او سي موجب ، نظرثاني جو مقصد زميني رستي سان اچ وڃ ۽ سرحد تي ڪورونا پروٽوڪول کي يقيني بنائڻ آهي. اين سي او سي ٻڌايو ته هن ايران ۽ افغانستان سان سرحد کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته ڪورونا جي نون قسمن کي روڪيو وڃي، اها پابندي 4 ۽ 5 مئي جي وچڇ واري رات کان 19 ۽ 20 مئي جي وچ واري رات تائين لاڳو رهندي. اين او سي سي جي مطابق ، پابندي ڪارگو ، ٻطرفي واپار ۽ پاڪ افغان واپار تي لاڳو نه ٿيندي، بارڊر ٽرمينل هفتي ۾ 7 ڏينهن کليل رهندا ، پر هيلٿ ورڪرز ۽ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ عملدارن جي تعداد ۾ واڌ ڪئي ويندي. اين سي او سي ٻڌايو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پاڪستانين کي واپس اچڻ جي اجازت هوندي ، جڏهن ته افغانستان ۽ ايران کان طبي بنيادن تي اچڻ وارن کي به اجازت هوندي.