ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آپريشن ڪري 2 هفتا اڳ ڪنڌڪوٽ شهر مان اغوا ٿي ويل ٻن پورهيتن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران پورهيت نصرالله ميراڻي ۽ محمد ميراڻي کي بازياب ڪرايو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين مغوين کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا جيڪو منصوبو ناڪام بڻايو ويو آهي، آپريشن دوران ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.