ڊسڪه (ڊيسڪ رپورٽ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 ڊسڪه تي ٿيل ننڍي چونڊ جو سرڪاري نتيجا جاري ڪري ڇڏيا، سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ اميدوار نوشين افتخار هڪ لک 10 هزار 76 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار علي اسجد ملهي 93 هزار 433 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي حاجي خليل سنڌو 8 هزار 268 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو، ن ليگ اميدوار نوشين افتخار چونڊ نتيجا حاصل ڪيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ نه ويو.