ڪرمپور/خانپور (نمائندن وٽان)  ڪرمپور ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد سي پي شاخ چوڪي وٽ هٿياربندن گاڏين تي ڇتي فائرنگ ڪئي، غوثپور واسي ڊرائيور ذاڪر سومرو مارجي ويو، سندس ساٿي ڊرائيور منظور سولنگي کي اغوا ڪري ويا. ناپرڪوٽ پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ شديد فائرنگ سبب ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. مقتول ۽ مغوي ٻئي غوثپور جا رهواسي هئا، واقعي جو اطلاع ملڻ بعد سندن گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول ٽرڪ تي ڪنڌڪوٽ کان شڪارپور وڃي رهيا هئا ڏوهارين مٿن فائرنگ ڪئي.