کٿابي سان زيادتي واري مامري کي ٽيسٽ ڪيس جي طورتي وٺنداسين: آءِ جي پنجاب

0
363

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) آءِ جي پنجاب پوليس انعام غني جو چوڻ آهي ته مدرسي جي کٿابي سان زيادتي جي ڪيس کي ٽيسٽ ڪيس جي طور تي وٺنداسين، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ انعان غني مدرسي جي کٿابي سان زيادتي ڪندڙ مفتي عزيز الرحمان جي تصوير شيئر ڪندي چيو ته اسان ڏوهه ڪرڻ واري شخص کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون، اسان هن مامري کي ٽيسٽ ڪيس جي طور تي وٺنداسين، پڇا ڳاڇا ڪنداسين، سائنسي طريقيڪار تحت مامري جي جاچ ڪنداسين ۽ قانوني گهرجون مڪمل ڪري جوابدار کي عدالت مان سزا ڏيارينداسين، آءِ جي پنجاب جو چوڻ آهي ته اسان چاهيون ٿا اسان پنهنجي ٻارڙن کي استحصال ڪرڻ وارن کان بچايون ته جيئن معاشري جي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهون.