اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب ۾ 30 اپريل تي اليڪشن ڪرائڻ جي اعلان بعد خيبر پختونخوا صوبي ۾ به 28 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، وزارت دفاع پاران اليڪشن ڊيوٽي لاءِ فوج ڏيڻ کان انڪار، تفصيل موجب  تفصيل موجب  چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ ڪالهه 3 اهم اجلاس ٿيا آهن جن ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا، جاري ڪيل پڌرائي مطابق اليڪشن ڪميشن جي پهرين اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب، پنجاب اسيمبلي جي صوبائي تڪن تي عام چونڊن، صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، چونڊون پرامن نموني ڪرائڻ، سيڪيورٽي خدشن، صوبي جي معاشي توڙي ٻين مسئلن بابت بريفنگ ڏني، آءِ جي پنجاب اليڪشن ڪميشن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پوليس جي مقرري صرف چونڊ ڏينهن تائين محدود نه هوندي آهي، عوام جي سيڪيورٽي ۽ ڏوهن کي روڪڻ لاءِ به پوليس جي ڊيوٽي انهن جي فرضن ۾ شامل آهي، هن وقت پوليس آدمشماري ڪندڙ عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي  آهي، رمضان دوران مسجدن ۽ نمازين جي حفاظت لاءِ به پوليس مقرر ٿيندي، 2018ع جي چونڊن دوران 3330  چونڊ مهم جي حوالي سان سياسي جلسا ٿيا هئا، هاڻي ٿيندڙ پنجاب جي چونڊن ۾ ان تعداد کان وڌيڪ جلسا ٿيندا، جنهن ڪري ايتري وڏي تعداد ۾ جلسن لاءِ امن امان جي صورتحال کي سامهون رکندي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي، ڪچي جي ڏوهارين خلاف به پوليس جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ 4 کان 5 مهينا گهربل هوندا، آپريشن کان پوءِ حالتون اليڪشن ڪرائڻ لاءِ بهتر هونديون، چيف سيڪريٽري پنجاب بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن وقت 40 هزار استاد آدمشماري ڪرڻ جي ڊيوٽي لاءِ مقرر آهن، ميٽرڪ جي امتحانن ۾ به اهي ئي استاد ڊيوٽي ڏيندا، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب واضح لفظن ۾ چيو ته ملڪ جي موجوده معاشي ۽ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي 30 اپريل واري ڏينهن فول پروف سيڪيورٽي تيستائين فراهم نه ٿي ڪري سگهجي جيستائين پوليس جي مدد لاءِآرمي سميت ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به ڊيوٽي ڏين، چيف سيڪريٽري چيو ته هنن حالتن ۾ چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي، اليڪشن ڪميشن جو ٻيو اجلاس به ٿيو جنهن ۾ سيڪريٽري دفاع ليفٽيننٽ جنرل (ر) حمود الزمان خان ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري دفاع ميجر جنرل خرم سرفراز خان ملڪ جي موجوده حالتن، سرحدن ۽ اندرون ملڪ ۾ فوج جي مقرري بابت بريفنگ ڏني، اليڪشن ڪميشن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته فوج پنهنجي بنيادي فرضن کي اهميت ڏيندي آهي، جنهن ۾ سرحدن ۽ ملڪ جي حفاظت انهن جي پهرين ترجيح آهي، موجوده ملڪي حالتن سبب پاڪ فوج اليڪشن جي ڊيوٽي لاءِ هن وقت دستياب نه آهي، ان کانسواءِ ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال جو فوج تي به اثر آهي، اهو حڪومت وقت جو فيصلو هوندو ته اها هنن حالتن جي پيش نظر فوج کي بنيادي فرضن جي انجام تائين محدود رکي ٿي يا ثانوي فرضن يعني اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر ڪري ٿي،  دفاع وزارت اهو به واضح ڪيو ته اليڪشن ڊيوٽي جي صورت ۾ فوج ڪوئيڪ ريسپانس فورس جي موڊ ۾ دستياب ٿي سگهي ٿي ۽ چونڊن جي سيڪيورٽي جي فراهمي جي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ ممڪن ناهي. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جو ٽيون اجلاس گورنر خيبر پختونخوا سان ٿيو، جنهن ۾ خيبر پختونخوا ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ حتمي مشاورت ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ خيبرپختونخوا ۾ 28 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي دعوت تي خيبر پختونخوا جي گورنر حاجي غلام علي ايوان صدر ۾ صدر سان ملاقات ڪئي ، ملاقات دوران عام چونڊن بابت مامرن تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي، گورنر خيبر پختونخوا صوبي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ  لاءِ 28 مئي جي تاريخ ڏني.