ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي ڪمشنر ۽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي چيئرمين  ڪراچي ۾ هلندڙ پيپلز بس جي 9 روٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 9 ئي روٽ پيپلز بس سروس جي آپريشنز لاءِ ڪلاسيفائيڊ ڪيا ويندا.    نوٽيفڪيشن موجب پيپلز بس سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي، ۽ نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن  تحت هلندڙ آهي، نوٽيفڪيشن  موجب روٽ نمبر1 ٽاور کان ماڊل ڪالوني  تائين ، روٽ 2 نارٿ ڪراچي کان لانڍي روڊ تائين، روٽ 3 ناگن چورنگي کان شان چورنگي، روٽ 4 نارٿ ڪراچي کان ٽاور،  روٽ  5  سرجاني ٽائون کان  گلبائي، روٽ 6  گلشن بھار اورنگي کان شان چورنگي، روٽ 7 موسميات کان قذافي ٽائون، روٽ 8 گلشن حديد کان ملير هالٽ ۽ روٽ 10 نمائش کان سي ويو تائين مقرر ڪيا ويا آهن.