سجاول جوڻيجو (ن پ ا )يوسي عرضي ڀٽو جي چيئرمين ڪرم الله ڀنگر ۽ وائيس چيئرمين اختر  لڪ ۾ هڪ ٻئي سان راشن ۾ صلاح مشورو نه ڪرڻ تان اختلاف شروع ٿي ويا.وائيس چيئرمين اختر لڪ سوشل ميڊيا ذريعي وڊيو بيان جاري ڪندي يوسي عرضي ڀٽو جي چيئرمين حافظ ڪرم الله ڀنگر مٿان من پسند ماڻهن کي راشن ۽ ٽينٽ جو جو الزام هڻندي استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وائيس چيئرمين چيو ته برسات جي تباھ ڪاري سبب ڪيترائي متاثر مون وٽ دانهي ٿيا آهن، يوسي چيئرمين ڪرم الله ڀنگر من پسند ماڻهن کي راشن ۽ ٽينٽ ڏئي فوٽو ڪڍرائي قدبت وڌائي رهيو آهي.منهنجو فون به اٽينڊ نه ٿو ڪري  منهنجي غير موجودگيءَ ۾ پنهنجي من پسند ماڻهن کي راشن ۽ ٽينٽ مڇر داني ڏئي ڏئي رهيو آهي مون سان هن وقت تائين صلاح مشورو نه ٿو ڪري تنهنڪري مان ميڊيا وارن کي پنهنجو وڊيو بيان جاري ڪندي چوان ٿو ته منهنجو چيئرمين ڪرم الله ڀنگر سان ڪوبه واسطو نه آهي. عوام کي رليف صحيح نه ملڻ ڪري مان عوام جي خاطر پنهنجي وائيس چيئرمين جي سيٽ تان استعيفا ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهيان  اي سي سجاول جوڻيجو سان ملي ڪري استعيفا جي درخواست ڏيندس مان عوام سان هر ڏکئي وقت ۾ گڏ آهيان. هوڏانهن يوسي عرضي ڀٽو جو چيئرمين حافظ ڪرم الله ڀنگر سان ميڊيا پاران بار بار فون ڪئي پر هو فون اٽينڊ ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي.