پيرونمل (ن پ ا) پيرونمل  ڀرسان دڙو بازار شاخ کي ڊي سي سانگهڙ  پاران ڪٽ ڏيارڻ جي فيصلي خلاف ڳوٺ دين محمد سنگراسي ۽ ڀرپاسي واسي سوين ڳوٺاڻن شاخ تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ويهي رهيا، ان موقعي تي ڳوٺاڻن جاويد، رشيد سنگراسي، علي حسن سنگراسي، علي غلام، خليفو اسحاق، لال محمد خاصخيلي ۽ فوٽو ڀيل چيو ته برساتي پاڻي جا جيڪي قدرتي لنگھه آهن اهي بند پيا آهن پر ضلع انتظاميا بچيل ڳوٺن کي هٿ سان ٻوڙڻ چاهي ٿي، هنن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته پاڻي جو نيڪال اتر کان ڏکڻ طرف ٿيندو پر انتظاميا ڪجهه ماڻهن کي بچائڻ لاءِ سوين ڳوٺن کي ٻوڙڻ چاهي ٿي، هنن مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي جي نيڪالي جا قدرتي لنگهه بحال ڪري سوين ڳوٺن کي ٻوڙڻ کان بچايو وڃي،