اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) تحريڪ لبيڪ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کان پوءِ وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ جي مطالبي تي حڪومتي ميمبر ذريعي قومي اسيمبلي ۾ فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ واري مامري تي بحث لاءِ ۾ قرارداد پيش ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته ان قرارداد تي بحث ۽ فيصلو ڪرڻ لاءِ خصوصي ڪاميٽي قائم ڪرڻ جا اختيار اسپيڪر کي ڏيڻ جي رٿ اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي، مخالف ڌر پاران احتجاج، تحريڪ لبيڪ سان ٿيل معاهدا ايوان پيش ڪرڻ جو مطالبو، پيپلزپارٽي پاران هنگامي طور تي طلب ڪيل قومي اسيمبلي جي اجلاس جو بائڪاٽ ڪيو ويو تفصيل موجب دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪالعدم قرار ڏنل تحريڪ لبيڪ سان ٿيل ڳالهين جي نتيجي ۾ تحريڪ لبيڪ جي مطالبي تي قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس هنگامي طور تي طلب ڪيو ويو، ڪالهه 4 وڳي ڌاري قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو، پيپلزپارٽي پاران قومي اسيمبلي جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جڏهن ته مسلم ليگ (نواز)، جي يو آءِ (ف)، جماعت اسلامي کان علاوه حڪومتي ڌر جا ميمبر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پارلياماني مامرن جي مملڪتي وزير علي محمد خان ڪالهوڪي اجلاس لاءِ جاري ڪيل 93 نقاطي ايجنڊا کي معطل ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، جنهن جي ايوان ۾ موجود ن ليگ ۽ جي يو آءِ (ف) ۽ جماعت اسلامي پاران مخالفت نه ڪئي وئي، جنهن بعد اجلاس ۾ حڪومت پاران تحريڪ لبيڪ سان ٿيل معاهدي تحت ڪنهن وفاقي وزير کان قرارداد پيش ڪرائڻ بجاءِ حڪومتي ميمبر امجد نيازي کان فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ واري مامري تي بحث ڪرڻ لاءِ قرارداد ايوان ۾ پيش ڪرائي وئي، امجد علي خان پاران نجي ميمبر طور ايوان ۾ پيش ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان تڪراري فرانسيسي ميگزين چارلي هيبڊو پاران پهرين سيپٽمبر 2020ع تي ناموس رسالت جي گستاخي ۽ توهين آميز خاڪن جي اشاعت ڪرڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو، فرانسيسي ميگزين پاران پهريون ڀيرو 2015ع ۾ پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخانه خاڪا شايع ڪرڻ تي پوري دنيا جي مسلمانن پاران شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ باوجود هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي مذهبي هم آهنگي ۽ امن کي نقصان پهچائن جي ڪوشش ڪئي وئي، فرانسيسي صدر پاران اظهار راءِ جي نالي تي ڪروڙين مسلمانن جي جذبن کي ڇيهو پهچائڻ وارن عنصرن جي حوصلا افزائي انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن ڪري هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته فرانس جي پاڪستان ۾ مقرر سفير کي ملڪ مان ڪڍڻ جي مسئلي تي بحث ڪرايو وڃي، سمورن يورپي ملڪن خاص طور تي فرانس کي هن مامري جي سنگيني کان آگاهه ڪيو وڃي، سمورن مسلم ملڪن سان ان مامري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي ۽ ان مسئلي کي اجتماعي طور تي عالمي فورم تي کنيو وڃي، هي ايوان اهو به مطالبو ڪري ٿو ته عالمي تعلقاتن جا مامرا رياست کي طئي ڪرڻ گهرجن، ڪوئي فرد، گروهه يا جماعت ان حوالي سان بيجا، غير ضروري دٻاءُ نه ٿي وجهي سگهي، صوبائي حڪومتون تمام ضلعن ۾ احتجاج لاءِ جڳهه مخصوص ڪن ته جيئن عوام جي روزاني زندگي جي مامرن ۾ ڪنهن قسم جي ڪا رڪاوٽ نه اچي، اهڙي قرارداد جي پيش ٿيڻ کان پوءِ پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان ان قرارداد تي بحث ۽ غور ڪرڻ لاءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي کي خصوصي ڪاميٽي قائم ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ لاءِ رٿ پيش ڪئي ته مخالف ڌر جي ميمبرن سيٽن تي بيهي اعتراض واريندي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ته پر اسپيڪر اسد قيصر مخالف ڌر کي نظر انداز ڪري ان مامري لاءِ خصوصي ڪاميٽي جي قيام عمل ۾ آڻڻ لاءِ اسپيڪر کي اختيار ڏيڻ واري رٿ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ڇڏي، جنهن تي مخالف ڌر احتجاج ڪيو، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسپيڪر سان مخاطب ٿيندي چيو ته تمام گهڻو افسوس آهي ته ناموس رسالت جي مامري تي سڄو ملڪ متفق ۽ هڪ آواز آهي، پر توهان ايوان ۾ ان کي تڪراري بڻائي رهيا آهيو، قرارداد متفقه طور تي منظور ٿيڻ گهرجي، اوهان سومر ڏينهن اجلاس کي ختم ڪيو، اڄ هنگامي اجلاس گهرايو، جنهن لاءِ توهان کي مخالف ڌر سان ڳالهائڻ جي توفيق نه ٿي، ختم نبوت ۽ ناموس رسالت جي مامري تي ڪنهن کي به ٻه رايا نه آهن، پر پيش ڪيل قرارداد ناڪافي آهي، اسان کي هڪ ڪلاڪ ڏيو، اسان هن قرارداد ۾ اضافي شيون شامل ڪنداسين، ان بعد توهان اڄ ئي قرارداد منظور ڪيو، هن قرارداد تي غور لاءِ خصوصي ڪاميٽي جي ضرورت ناهي پر هن سڄي ايوان کي ڪاميٽي ۾ تبديل ڪريو، ٽن سالن کان توهان هن ايوان کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، هن ايوان کي توهان گاڏين جو اڏو بڻائي ڇڏيو آهي، مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته هي جيڪا قرارداد پيش ڪئي وئي آهي، تحريڪ لبيڪ سان جيڪي مذاڪرات ٿيا، انهن جنهن مسودي تي اتفاق ڪيو ان ۾ بنا ڪنهن نقطي جي تبديلي ڪرڻ جي ان قرارداد جي متن کي ايوان ۾ پيش ڪيو ويو آهي، درخواست آهي ته هن قرارداد کي خصوصي ڪاميٽي کي موڪليو وڃي، جيڪا ان کي ڏسي، جي يو آءِ جي پارلياماني ليڊر مولانا اسعد محمود چيو ته وزيراعظم هڪ ڏينهن پهريان قوم کي خطاب ڪري پنهنجي پاليسي ڏئي ڇڏي آهي، ان ٻرندي تي تيل جو ڪم ڪيو آهي، ملڪ جو نظام درهم برهم آهي، ٻڌايو وڃي ته تحريڪ لبيڪ سان اصل ڳالهيون ڪنهن ڪيون، ان سان ٿيل معاهدن کي پيش ڪيو وڃي، لاهور ۾ جيڪو ٿيو اهو نه ڏيکاريو ويو، ميڊيا تي پابندي هنئي وئي، تحريڪ لبيڪ سان ظلم ٿيو آهي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، هن اسپيڪر سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان حڪومت جا اسپيڪر ناهيو، هن چيو ته مون سمجهيو پئي ته فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ قرارداد ايندي پر ڪمزور لفظن تي ٻڌل قرارداد پيش ڪئي وئي آهي، جن خون وهايو انهن جو تعين ٿيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ پارليامينٽ هلائڻ نه ڏينداسين، مذهبي مامرن جي وفاقي وزير نور الحق قادري چيو ته اسان اپوزيشن جو ختم نبوت بابت جذبو ڏسي چڪا آهيون، هن ئي اپوزيشن هتي ختم نبوت خلاف چونڊ سڌارن ۾ قانون سازي ڪئي، فيض آباد ۾ ڪنهن هن ئي (تحريڪ لبيڪ) تي گوليون هلايون هيون، جڏهن فيض آباد ۾ 20 لاش ڏنا ويا ان وقت توهان ڪٿي هيئو؟ ماڊل ٽائون واو واقعو به سامهو آهي، جنهن تي نواز ليگ جي ميمبرن سيٽن تي بيهي احتجاج ۽ گوڙ ڪيو، مخالف ڌر جا ميمبر پنهنجي سيٽن تان اٿي اسپيڪر جي ڊائيس وٽ پهچي ويا، جن اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو، اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر چيو ته هي حساس مامرو آهي ان تي سياست نه ڪئي وڃي، مان ٻنهي طرفن جي ميمبرن کي چوان ٿو ته هن مامري کي سنجيده وٺو، قرارداد اڃا پيش ٿي آهي منظور نه ٿي آهي، نواز ليگ جي احسن اقبال چيو ته ايوان ۾ فخر سان چوان ٿو ته مان ان عورت جو پٽ آهيان جنهن کي ناموس رسالت جو قانون پيش ڪرڻ ۽ منظور ڪرائڻ جو اعزاز حاصل آهي پر پي ٽي آءِ وارن جيڪو بيانيو اسان خلاف هليو، ان تي مون کي گولي هنئي وئي، مون ان بيانيي جي قيمت ادا ڪئي، توهان ناموس رسالت جي مامري تي سياست ڪري رهيا آهيو، هن چيو ته ڪنهن وٽ اهو حق ناهي ته ڪنهن جي ايمان بابت سرٽيفڪيٽ جاري ڪري، پر هنن جهنم ۽ جنت جا فيصلا پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتا آهن، هن چيو ته وزيراعظم کي اڄ هن ايوان ۾ پنهنجي ڪرسي تي موجود هئڻ گهرجي ها، قرارداد کي حڪومتي قرارداد بنائڻ لاءِ ڪنهن وزير کان پيش ڪرايو وڃي، پر اها قرارداد ايون ۾ پيش ڪرڻ جي ڪنهن وزير جرئت نه ڪئي، نجي ميمبر طور پيش ڪيل قرارداد حڪومتي بزنس نه هوندو آهي، ان سان گڏ معاهدو به پيش ڪيو وڃي ها، هن چيو ته ناموس رسالت بابت ٿيندڙ هن اجلاس کان ٻيو ڪو اهم ڪم نه ٿو ٿي سگهي، مطالبو ڪريون ٿا ته هن قرارداد کي سرڪاري بزنس بنائڻ لاءِ قرارداد وزير کان پيش ڪرائي وڃي، حڪومت پاليسي بيان به ڏئي ۽ تحريڪ لبيڪ سان ٿيل معاهدا به ايوان ۾ پيش ڪيا وڃن، توهان هڪ تنظيم جي معاهدي تي ايوان کي يرغمال بڻائي رهيا آهيو ته پوءِ هتي ويهڻ بجاءِ اسان کي هليو وڃڻ گهرجي. هن چيو ته قرارداد جي متن ۾ چيو ويو ته عالمي تعلقات جا مامرا رياست طئي ڪندي، اسان اهو ئي چئي رهيا آهيون ته رياست ٻڌائي ته ان جي ان حوالي سان پاليسي آهي ڇا؟ جڏهن ته وفاقي وزير اسد عمر چيو ته مان يقين سان چوان ٿو ته ختم نبوت بابت جيترو منهنجو ايمان آهي اوترو ئي احسن اقبال جو آهي، مون کي يقين آهي ته ناموس رسالت واري مامري جو عالمي سطح تي حل نڪرندو، پاڪستان عالم اسلام جي رهنمائي ڪندو، جنهن بعد اسپيڪر جمعي ڏينهن 11 وڳي تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.