ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو جو نوجوان نشي آور گوريون کائڻ سبب بيهوش ٿي ويو. ان ڏس ۾ 30 سالن جي نوجوان عبدالرزاق ملاح گهڻي تعداد ۾ نشي آور گوريون کاڌيون. گوريون کائڻ سبب هو بيهوش ٿي ويو. جنهن کي تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جتي سندس علاج هلندڙ هو.