ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب شھر جي وٽرنري اسپتال ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران چوپائي مال ۾ وڌندڙ بيمارين جي بچاءُ لاءِ ڪئمپ قائم ڪئي وئي، ڪئمپ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ شھيد بينظيرآباد اعجاز حسین لغاري، ڊاڪٽر طارق  نوراني، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ رند ڊاڪٽر غلام نبي ڏاھري ،ڊاڪٽر نياز حسين پلھ پاران ڀاڳين کي چوپائي مال ۾ وڌندڙ بيمارين جون وئڪسين ۽ دوائون مفت ڏنيون.