ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ جماعت اسلامي راڄو نظاماڻي جي ڪارڪنن پاران  يوسي راڄو نظاماڻي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ مسلسل نظرانداز ڪرڻ خلاف ڊي سي آفيس سامھون احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي يوسي  راڄو نظاماڻي تي جماعت اسلامي جي نامزد چيئرمين اعجاز نظاماڻي، وائيس چيئرمين عامر شيخ ، غلام ياسين سمون ، عبدالوحيد نظاماڻي ، اڪرم نظاماڻي، ڊاڪٽر حبيب مير نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته ٽنڊو محمد خان جي سڀ کان وڏي يونين ڪائونسل راجو نظاماڻي کي ترقياتي ڪمن ۾ مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي. راڄو نظاماڻي ۾ پوندڙ برساتن جو پاڻي اسان پنھنجي مدد پاڻ تحت نيڪال ڪيو ھاڻ مڇر مکين جي ڪري عوام عذاب ۾ مبتلا آھي. ڪاغذن جي مد ۾ ڪروڙين روپين جا ڪوڙا بجيٽ ڏيکاري ملي ڀڳت ذريعي فنڊ ھڙپ ڪيا ويا آھن ھنن ڊي سي ٽنڊو محمد خان کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي فوري انڪوائري ڪرائي وڃي.