ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ۾ سلائيءَ جو ڪم ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندڙ عورت کي اڳوڻن پاڙيسرين زخمي ڪري ڇڏيو. بخاري پاڙي جي رھواسڻ بشريٰ راڻي ان سلسلي ۾ دانھيندي ٻڌايو ته ڪجھه ماڻھن سندس جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي. ھن الزام ھڻندي چيو ته گهر ڀرسان فحاشي جو اڏي ھلائيندڙن حملو ڪري کيس سخت تشدد جو نشانو بنايو. اھڙي رپورٽ ٺٽي ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي پر پوليس حملي آورن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھِن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جو نوٽيس وٺي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي.