ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان چودڳي وٽ نامعلوم هٿياربندن رڪشا ۾ ويٺل ماڻھن کان ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري رڪشا ڊرائيور ارشاد گهانگهرو کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. زخمي ٿيل نوجوان ارشاد گهانگهرو کي نازڪ حالت ۾ ڪنڊيارو اسپتال آندو ويو جتان انتهائي نازڪ حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو.