ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ۾ رمضان المبارڪ شروع ٿيندي ئي ڏوھي وارداتون وڌي ويون. گذريل ڏينهن ٺٽي لڳ پير پٺو روڊ تي جوس ، کير ۽ بسڪيٽ سپلاءِ ڪندڙ سيف جٽ کان موٽرسائيڪل سوار 2 ھٿياربند 70 ھزار رپيا روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واضح هجي ته رمضان المبارڪ جو مھينو شروع ٿيڻ سان ئي ڦورو ۽ چور سرگرم ٿي ويا آھن پر ٺٽو پوليس ڏوهارين خلاف قانوني ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي.