يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف شين جي قيمتن ۾ واڌ

0
280
مختلف شين جي قيمتن ۾ واڌ

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آھي، رپورٽ موجب يوٽيلٽي اسٽورز تي مهانگائي جو نئون طوفان پيدا ٿي ويو، گيهه ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آھي

ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو يوٽيلٽي اسٽورز تي ملندڙ ڊالڊا گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 109 روپيه ۽ 10 ليٽر ڪين ۾ 1090 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ ڊالڊا گيهه جو 10 ليٽر وارو ڪين 2500 روپين مان وڌي 3590 روپين جو ٿي ويو

ميزان گيهه جي 10 ليٽر واري ڪين جي قيمت ۾ 475 روپين جو اضافو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ميزان گيهه جي 10 ليٽر ڪين جي قيمت 2885 مان وڌي 3360 روپيه مقرر ڪئي وئي آهي.

يوٽيلٽي اسٽورز تي 5 ليٽر پلانٽا ڪوڪنگ آئل جي قيمت ۾ 463 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته من پسند ڪوڪنگ آئل جي قيمت 465 روپين تائين وڌائي وئي آهي جنهن کان پوءِ من پسند 5 ليٽر ڪوڪنگ آئل ڪين جي قيمت 1245 مان وڌي 1710 روپيه ٿي وئي آهي.

ھي به پڙھندا

حڪومت بجلي جي قيمتن ۾  واڌ ڪري ڇڏي