وفاقي حڪومت پاران 3 هزار ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جو فيصلو

0
216
اي سي ايل مان ڪڍڻ جو فيصلو
وفاقي حڪومت پاران 3 هزار ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار اِي سي ايل مان 3 هزار ماڻهن جا نالا ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پريس ڪانفرنس دوران چيو ته وفاقي ڪابينا اِي سي ايل بابت رولز جِي  منظوري ڏئي ڇڏي آهي

حڪومت جي اهڙي فيصلي سان 3 هزار ماڻهن کي فائدو ٿيندو، جن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويندا

هن وقت اِي سي ايل ۾ لڳ ڀڳ 4 هزار ماڻهن جا نالا شامل آهن، 120 ڏينهن کان وڌيڪ ڪنهن جو به نالو اِي سي ايل ۾ نه رهندو

دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهو قانون مان فائدو نه وٺي سگهندا، عدالت پاران شامل ڪيل نالا به نه ڪڍيا ويندا