پي سي بي جي اڳوڻي سي اِي او وسيم خان کي آءِ سي سي ۾ اهم عهدو ملي ويو

0
341
سي اِي او وسيم خان کي آءِ سي سي ۾
پي سي بي جي اڳوڻي سي اِي او وسيم خان کي آءِ سي سي ۾ اهم عهدو ملي ويو

دبئي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) ۾ جنرل مينيجر ڪرڪيٽ مقرر ڪيو ويو آهي

وسيم خان آءِ سي سي ۾ جيف آلڊرائس  جي جاءِ تي ذميواريون سنڀاليندو، جيف هاڻ چيف ايگزيڪيوٽو آءِ سي سي جي عهدي تي مقرر آهي

وسيم خان چيو آهي ته آءِ سي سي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي

خيال رهي ته وسيم خان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ سي اي او طور ذميواريون نڀايون هيون