ڳجهن ادارن کي خط ۾ پرڏيهي سازش جا ثبوت ناهن مليا: قومي سلامتي ڪميٽي

0
216
قومي سلامتي ڪميٽي
خط ۾ پرڏيهي سازش جا ثبوت ناهن مليا: قومي سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد مجيد مبينا ڌمڪين واري خط تي بريفنگ ڏني

پڌرائي موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي گذريل اجلاس جا منٽس پيش ڪيا ويا، اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هوائي ۽ سامونڊي فوج جا سربراهه به شريڪ ٿيا

اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڳجهن ادارن خط جي جاچ ڪئي، جنهن دوران پرڏيهي سازش جا ثبوت نه مليا، سيڪيورٽي ادارن جي جاچ جو نتيجو اهو نڪتو ته ڪابه پرڏيهي سازش ناهي ٿي، اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي گذريل اجلاس دوران ٿيل فيصلن جي به منظوري ڏني وئي

امريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد مجيد قومي سلامتي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ته واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي ٽيلي گرام مليو، ڪميٽي ۾ خط تي مشاورت ڪئي وئي

ياد رهي ته 27 مارچ 2022 تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اُن وقت جي وزير اعظم عمران خان اسلام آباد ۾ جلسي دوران هڪ خط ڏيکاريندي دعويٰ ڪئي هئي ته سندس حڪومت ڪيرائڻ لاءِ پرڏيهي سازش ٿي آهي

پرڏيهي کاتي اسلام آباد ۾ مقرر امريڪي نمائندي سان احتجاج ڪندي ڊي مارش به ڪيو هو

31 مارچ تي اُن وقت جي وزير اعظم عمران خان جي سربراهي ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس به ٿيو هو

31 مارچ 2022ع جي قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس جو پڌرنامو

قومي سلامتي ڪميٽي پرڏيهي سفارتڪار طرفان استعمال ڪيل ٻولي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته پرڏيهي خط پاڪستان جي اندروني مامرن ۾ مداخلت برابر آهي، پاڪستان اندروني مامرن م مداخلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت ناهي

پڌرائي ۾ پرڏيهي آفيشل جي استعمال ڪيل ٻولي کي غير سفارتي قرار ڏنو ويو

ھي به پڙھندا

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس