وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس

0
253
نيب کي جاچ ۾ ڪجهه نه

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس جاري آھي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سوڌو هٿياربند فوجن جا سربراهه ۽ وفاقي وزير شريڪ آھن

ذريعن جو چوڻ آهي ته امريڪا ۾ اڳوڻي سفير اسد مجيد طرفان ڪميٽي کي مبينا خط بابت بريفنگ ڏني ويندي، ٻئي پاسي حڪومت طرفان جون مهيني جي پهرئين هفتي ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي

اتحادين سان صلاح مشورن بعد قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس جو شيڊول طئه ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ سيشن سڄو مهينو جاري رهندو، بجيٽ کان اڳ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي پارلياماني ڏينهن پورا ڪيا ويندا

ھي به پڙھندا

حمزه شهبازجي حلف برداري: لاهور هاءِ ڪورٽ صدر کي حلف لاءِ نمائندو مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي