حمزه شهبازجي حلف برداري: لاهور هاءِ ڪورٽ صدر کي حلف لاءِ نمائندو مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

0
289

لاهور هاءِ ڪورٽ صدر

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) پنجاب جي گورنر طرفان نئين وڏي وزير حمزه شهباز کي حلف کڻائڻ کان کُتو جواب ڏنو ويو، لاهور هاءِ ڪورٽ صدر کي حلف لاءِ نمائندو مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آھي

 عدالت مختصر حڪم ۾ چيو آهي ته صدر 24 ڪلاڪن ۾ ڪو نمائندو مقرر ڪري،هاءِ ڪورٽ آفيس صدر کي عدالتي فيصلي کان آگاهه ڪري، گورنر آئيني ذميواري پوري نٿو ڪري، ته عدالت به کيس احترام جوڳو سڏڻ مناسب نه سمجهندي، ٻڌڻي دوران اي جي پنجاب چيو ته گورنر 24ڪلاڪن ۾ صدر کي انڪار جي ڪارڻن کان آگاهه ڪندو

پٽ سالڪ منهنجي اجازت سان شهباز شريف کي ووٽ ڏنو: چوڌري شجاعت

پٽ سالڪ منهنجي اجازت
پٽ سالڪ منهنجي اجازت سان شهباز شريف کي ووٽ ڏنو: چوڌري شجاعت

ٻئي پاسي مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جو چوڻ آهي ته سندس پٽ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سالڪ حسين سندس اجازت سان شهبازشريف کي ووٽ ڏنو، ياد رهي ته 11اپريل تي قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ٿيندڙ ووٽنگ ۾ ق ليگ ميمبر چوڌري سالڪ حسين ۽ بشير چيما شهبازشريف کي ووٽ ڏنو هو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بي اعتمادي رٿ ۽ وزيراعظم جي چونڊ ۾ ساٿ ڏيڻ تي چوڌري شجاعت حسين جا ٿورا مڃيا، اڄ چوڌري سالڪ حسين وفاقي وزير طور عهدي جو حلف کڻي ورتو، چوڌري شجاعت حسين جو چوڻ آهي ته سالڪ حسين ان جي مرضي سان شهباز شريف کي ووٽ ڏنو

ھي به پڙھندا

صرف ھڪ پارٽي باغي ميمبرز جي خلاف آھي،آئين ۾ آرٽيڪل 63 اي شامل ڪرڻ جو مقصد بغاوت جو ڪينسر ختم ڪرڻو هو: سپريم ڪورٽ