صرف ھڪ پارٽي باغي ميمبرز جي خلاف آھي،آئين ۾ آرٽيڪل 63 اي شامل ڪرڻ جو مقصد بغاوت جو ڪينسر ختم ڪرڻو هو: سپريم ڪورٽ

0
293
جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ
جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ آئين ۾ آرٽيڪل 63 اي شامل ڪرڻ جو مقصد بغاوت جو ڪينسر ختم ڪرڻو هو، ڇا سياسي پارٽيز اِن ڪينسر جو پاڻ علاج نٿيون ڪري سگهن؟ سياسي جماعتن کي تڪليف آهي ته پاڻ علاج ڪن

سپريم ڪورٽ طرفان آرٽيڪل 63 اي بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا آھن، جسٽس جمال خان مندوخيل پي ٽي آءِ جي وڪيل کي چيو ته اڪثر پارٽيز توهان جي موقف جي مخالفت ڪن ٿيون، رڳو هڪ پارٽي باغي ميمبرز جي خلاف آهي

جسٽس جمال خان مندو خيل چيو تھ توهان ڪهڙي توقع ڪريو ٿا ته اڪثريت کي ڇڏي توهان جي ڳالهه مڃينداسين،عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيل کي لکت ۾ دليل جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي

ھي به پڙھندا

پنجاب جي وڏي وزير جي حلف برداري: ايڊووڪيٽ جنرل کي گورنر پنجاب جو لکيل موقف پيش ڪرائڻ جو حڪم