بلوچستان ۾ دھشتگردن جو پوسٽ تي حملو، ميجر شاهد بشير شهيد

0
294
بلوچستان ۾ دھشتگردن

راولپنڊي: بلوچستان ۾ دهشتگردن ۽ فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ميجر شاهد بشير شهيد ٿي ويو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آوارن ۾ دهشتگردن 21 ۽ 22 اپريل جي رات چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو

 حملو ناڪام ٿيڻ بعد دهشتگرد فرار ٿي رهيا هئا ته پهاڙي تائين سندن پيڇو ڪيو ويو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر شهيد شاهد بشير شهيد ۽ هڪ سپاهي زخمي ٿي پيو، فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان جو امن ۽ ترقي تباهه ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي

ھي به پڙھندا

صرف ھڪ پارٽي باغي ميمبرز جي خلاف آھي،آئين ۾ آرٽيڪل 63 اي شامل ڪرڻ جو مقصد بغاوت جو ڪينسر ختم ڪرڻو هو: سپريم ڪورٽ