واهي پانڌي (رپورٽر) واهي پانڌي ويجهو بااثرن پاران بيواهه عورت جي زمين تي مبينا قبضو ڪيو ويو آهي، عورتن جي دانهن، مزاحمت ۽ احتجاج جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي
واهي پانڌي ويجهو ڳوٺ ڇپر خان ۾ بااثرن پاران بيواهه عورت جي زمين تي مبينا قبضو ڪيو ويو، بيواهه ضميران جمالي معصوم ٻارڙن سميت زمين تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب پهچي وئي
بيواهه ضميران جمالي ۽ زمين تي قبضي الزام هيٺ آيل ڌر ۾ ٿيل منهن ماري واري وڊيو به سامهون اچي وئي
ضميران جمالي جو چوڻ آهي ته غلام نبي، عزيز الله، حبيب الله جمالي ۽ ٻين زمين تي قبضو ڪيو، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري
هي به پڙهندا
جيڪب آباد: مولاداد ٿاڻي جي حد مان پرڻيل ناري مبينا طور اغوا، وارثن جو ڌرڻو