واهي پانڌي ڀرسان بيواهه عورت جي زمين تي قبضو، بااثرن سان منهن ماري جي وڊيو وائرل

0
454

واهي پانڌي (رپورٽر) واهي پانڌي ويجهو بااثرن پاران بيواهه عورت جي زمين تي مبينا قبضو ڪيو ويو آهي، عورتن جي دانهن، مزاحمت ۽ احتجاج جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي

واهي پانڌي ويجهو ڳوٺ ڇپر خان  ۾ بااثرن پاران بيواهه عورت جي  زمين تي مبينا قبضو ڪيو ويو، بيواهه ضميران جمالي  معصوم ٻارڙن سميت زمين تي مبينا  قبضي خلاف پريس ڪلب پهچي وئي

بيواهه ضميران جمالي ۽ زمين تي  قبضي الزام هيٺ آيل ڌر ۾ ٿيل منهن  ماري واري وڊيو به سامهون اچي وئي

ضميران جمالي جو چوڻ آهي ته غلام نبي، عزيز الله، حبيب الله جمالي ۽ ٻين زمين تي قبضو ڪيو، پوليس  ڪارروائي نٿي ڪري

هي به پڙهندا

جيڪب آباد: مولاداد ٿاڻي جي حد مان پرڻيل ناري مبينا طور اغوا، وارثن جو ڌرڻو