ڪراچيءَ مان ڀتاخوري مڪمل طور ختم ٿي چڪي آهي، ڪراچي جو ايندڙ ميئر پيپلزپارٽيءَ جو هوندو:وڏو وزير

0
255

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچيءَ مان ڀتاخوري مڪمل طور ختم ٿي چڪي آهي، ڪراچي جو ايندڙ ميئر پيپلزپارٽيءَ جو هوندو، ڪنهن ۾ دم آهي ته ڪراچي شهر بند ڪرائي ڏيکاري

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاههگلستان جوهر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن مان 95 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪري چڪا آهيون، دادو ۽ خيرپور ضلعي جي ڪجهه علائقن ۾ پاڻي اڃا موجود آهي، ٻوڏ دوران بي گهر ٿيل ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏيڻ لاءِ ڪم زور شور سان جاري آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته 20 لک گهرن جي سروي مڪمل ڪئي وئي آهي، متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن ڪي ناراض اڳواڻ گڏ ٿي رهيا آهن ته ان تي ڪنهن کي اعتراض ڪرڻ نه گهرجي

 وڏي وزير گلستان جوهر ۾ فلاءِ اوور جي ڪم جو معائنو ڪيو، وڏي وزير صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه  ۽ ٻين سان گڏ شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو، وڏي وزير ايڪسپريس وي سٽي جي ڪم جو جائزو به ورتو، وڏي وزير ايڪسپريس وي روڊ تي ڪرڪيٽ کيڏندڙ ٻارڙن سان گڏ راند به کيڏي

هي به پڙهندا

نئين سال جي آمد:گورنر ڪامران ٽيسوري تي جوتو اڇلايو ويو