ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ تعلقي جي يونين ڪائونسل خان جو ڳوٺ جا نامزد آزاد اميدوار چيئرمين امتياز علي سولنگي ۽ وائيس چيئرمين علي حسن سولنگي پ پ پ جي نامزد اميدوارن چيئرمين محمد علي چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو جي حق ۾ دستبردار ٿي پ پ پ جي ھمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو
جڏنھن ته يونين ڪائونسل خان جو ڳوٺ تي پ پ جي اميدوارن جي پوزيشن مزبوط بڻجي وئي آھي ان موقعي تي محمد علي چانڊيو ۽ ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو پاران ٻنھي آزاد اميدوارن کي گلن جا ھار پارائي پنھنجي قافلي ۾ شموليت ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني
ھنن چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي ڀاري اڪثريت سان کٽي اينداسين، عوام شهيد راڻي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پيار محبت ڪري ٿو، ھنن چيو ته پ پ پ مخالفن کي تاريخي شڪست ڏينداسين
ھي به پڙھندا
بدين ۾ مڪاني چونڊ جون سرگرميون: پ پ ۽ مرزا گروپ ۾ سخت مقابلو، وارڊ 11 اهميت اختيار ڪري ويو