دادو ۾ ڪمشنر حيدرآباد جي مڪاني چونڊ بابت گڏجاڻي ۾ هنگامو، پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي الزام بازي

0
298
دادو ۾ ڪمشنر حيدرآباد جي

دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) دادو ۾ 24 جولاء تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن دوران امن امان جي صورتحال تي  ڪمشنر حيدرآباد نديم احمد ميمڻ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊي آء جي حيدرآباد پير محمد ، ڊي سي دادو غلام مرتضي شاھ ، ايس ايس پي عرفان علي سمون ۽ آر او شرڪت ڪئي، اجلاس دوران پي ٽي آء ۽ پي پي اڳواڻن پاران هڪ ٻئي خلاف شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا

پي ٽي آءِ اڳواڻ اڳوڻي ضلع ناظم ڪريم علي جتوئي ، عاشق حسين زئونر ، اڳوڻي تعلقه دادو ناظم سيد ظفر شاھ ڪمشنر حيدرآباد نديم احمد ميمڻ ۽ ڊي آء جي پير محمد شاھ آڏو شڪايت ڪئي ته اسان جي 4 ، اميدوارن عبدالحميد سومرو ، عبدالڪريم لنڊ ، افتخار مرکيو ۽ شاهد ڪولاچي کي گرفتار ۽ کنڀيو ويو ، حڪمران جماعت پوليس جي مدد سان اليڪشن کٽڻ چاهي ٿي

پي پي ايم اين اي رفيق احمد جمالي ورڪ مهم دوران هٿياربند ساڻ ڪري هٿيارن جي نمائش پيو ڪري انهن خلاف قانوني ڪاوائي ڇو نه ٿا ڪيو ، پي پي دادو سٽي جي صدر خالد حسين ميراڻي ، خليل الرحمان شيخ شڪايتون ڪيون ته پي ٽي آء وارا پنهنجي شڪست ڏسي الزام تراشيون پيا آهن ، پوليس غير جانبدار آهي ، هڪ ٻئي تي الزام تراشين تي اجلاس ۾ هل هنگامو مچي ويو ۽ ڪمشنر حيدرآباد اجلاس اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو

ڪمشنر نديم احمد ميمڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته  چونڊن جو ضابطه اخلاق سڀني تي لاڳو هوندو ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏبو ، انتهائي حساس 170 ، پولنگ اسٽيشن تي 4/4 رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويندا ، حساس پولنگ تي پڻ رينجرز ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا

پي ٽي آء جي اڳواڻن ڪريم علي جتوئي ، عاشق حسين زئونر ۽ سيد ظفر شاھ ۽ ٻين ڪمشنر حيدرآباد ۽ دادو پوليس تي حڪمران جماعت پي پي جي ڌر هئڻ جا الزام هڻندي چيو آهي ته ايس ايس پي دادو پي پي اميدوار جو ونگار وهي رهيو آهي ، ضابط اخلاق رڳو اسان تي لاڳو ڪري ڌانڌلي جو پلان جوڙيو ويو آهي، پي پي جي خالد ميراڻي ، خليل الرحمان ۽ ٻين اڳواڻن ٻڌايو ته پولنگ اسٽيشن تي رينجرز اهلڪار مقرر هوندا ته پوء ڌانڌلي جا الزام اجايا آهن

ھي به پڙھندا

ميهڙ جي يوسي خان جو ڳوٺ ۾ آزاد اميدوار هٿ کڻي ويا