خيرپورناٿن شاھ / ڀان سيد آباد/ ميهڙ ( نمائندن وٽان )  منڇر ڍنڍ کي ٻن هنڌان ڪٽ ۽ ايم اين وي کي گھاري باوجود پاڻي ۾ لاٿ رڪجي وئي آهي ۽ درياهه ۾ وهڪرو رڪجي ويو. ان ڏس ۾ ڀان سيد آباد واري نمائندي موجب پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ کي ٻن هنڌان آر ڊي 50 کان 52 تائين ۽ آرڊي 14 کان 15 تائين ڪٽ ڏيڻ ۽ ايم اين وي ڊرين زيرو پوائنٽ وٽان گهاري باوجود به منڇر جي پاڻي ۾ لاٿ نه آئي آهي، آبپاشي کاتي جي انگ اکرن مطابق منڇر ڍنڍ جي پاڻي جي سطح 121 آر ايل يعني 21 فوٽن تائين برقرار آهي، جڏهن ته منڇر ڍنڍ ۾ اڃا تائين بلوچستان ۽ قمبرشهدادڪوٽ جو ٻوڏ وارو پاڻي ايم اين وي ڊرين ذريعي داخل ٿي رهيو آهي، ٻئي طرف منڇر جو پاڻي اڙل واهه ۽ ڪرمپور وٽان ٻن هنڌن تان درياء سنڌ ۾ خارج به ٿي رهيو آهي، آبپاشي کاتي مطابق روزانو ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياء ۾ خارج ٿئي ٿو، هوڏانهن 15 ڏينهن کان تعلقي سيوهڻ ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، تعلقي سيوهڻ جي متاثر ٿيل 10 يوسيز ۾ رليف جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي.  ٻئي پاسي ٽلٽي ڪرمپور ايل ايس بچاءَ بند کي ڏنل ڪٽ ناڪام ٿي ويو، پاڻي جو وهڪرو درياء ۾ وڃڻ رڪجي ويو آهي، آبپاشي کاتي پاران ايل ايس بچاءَ بند کي ڳوٺ ڪنڊي وارا سهتا وٽان لڳل ڪٽ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن بعد هيوي مشينري طلب ڪري ڪٽ کي بند ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، ڪالهه شام تائين ڪٽ کي بند ڪيو ويو، ڪٽ بند ٿيڻ بعد ڀان سيدآباد، دادو، ٽلٽي شهرن جو ڪرمپور سان زميني رابطو بحال ٿي ويو. ٻئي پاسي سيوھڻ تعلقي مان منڇر ڍنڍ جي ٻوڏ جي پاڻي جو ڪيترن ئي ڳوٺن مان لاٿ جو سلسلو سست رفتاري سان جاري آهي جنهن ڪري متاثر ڳوٺاڻن جون تڪليفون گھٽجي نه سگهيون آهن آبپاشي  کاتي جي ذريعن موجب منڇر جي سطح ۾ 24 ڪلاڪن اندر 3 ڊيسيمل جي ڪمي اچڻ بعد منڇر جي سطح 120.8 آر ايل تي پھتي آهي. ھوڏانھن سيوھڻ تعلقي جي متاثر ڳوٺن باغ يوسف, آراضي, بختيارپور, ميان موٽڻ, سھتا سئنچ, بوبڪ ۽ واھڙ جي ڳوٺاڻن سندن ڳوٺن مان منڇر جي ٻوڏ جو پاڻي سست رفتاري سان درياه ۾ وڃڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ سنڌ سرڪار ۽ ريلوي انتظاميا کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته سندن ڳوٺن جي ڀر ۾ موجود ريلوي ٽريڪ پاڻي کي نيڪال ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بنيل آهي ان ڪري فوري طور ڳوٺ آراضي ۽ ڳوٺ پڪا چنا وٽان ريلوي ٽريڪ کي ڪٽ ڏئي پاڻي کي درياهه تائين پھچڻ جو رستو ڏنو وڃي ته جيئن متاثر ڳوٺن ۽ يوسين مان جلد سيلابي پاڻي نڪري وڃي ۽ سندن زندگي معمول تي اچي سگهي. ٻئي پاسي خيرپورناٿن شاھ ۾ 19 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻوڏ جو پاڻي نڪري نه سگهيو آهي هر هنڌ 8 کان 12 فوٽ پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب سوين گهر ڊهندا پيا وڃن شهر سڄو کنڊرات ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي هن مهل تائين تائين ايم اين وي ڊرين، سپريو بند،رائيس ڪئنال، نارا ڊسٽري ۽ سم نالن کي مختلف هنڌن تي لڳل گهارا به بند نه ٿي سگهيا آهن جڏهن ته خيرپورناٿن شاھ ۾ ٻوڏ جون تباهڪاريون جاري آهن مسلسل ٻوڏ پاڻي بيهڻ ڪري هر هنڌ بدبوء پکڙجي وئي آهي جنهن سبب خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي بيمارين سبب اڄ تائين ڪيترائي ماڻهون مري چڪا آهن . ٻئي پاسي ٽلٽي شهر جو ڀان سيدآباد ۽ دادو شهرن سان زميني رابطو بحال ٿي ويو، منڇر ڍنڍ کي ر ڊي 14 باغ يوسف وٽان منڇر ڍنڍ کي ڪٽ ڏيڻ ۽ انڊس لنڪ ڪئنال سم نالي کي گهاري بعد ٻوڏ وارو پاڻي يوسي ٽلٽي ۾ داخل ٿيڻ بعد زميني رابطا ڪٽجي ويا هئا. جڏهن ته ميھڙ ۾ پاڻي جي لاٿ جاري آھي، رنگ بند تي پاڻي لھي رھيو آھي رنگ بند جي مختلف ھنڌن وٽ پاڻي جي سطح 2 فوٽ باقي بچي وئي آھي پاڻي جي لاٿ سبب ميھڙ کان ڪي اين شاھ تائين پاڻي ھيٺ آيل انڊس ھاء وي جي فٽ پاٿ ظاھر ٿي وئي آھي. پاڻي جي لاٿ سبب پاڻي ھيٺ آيل ميھڙ وارھ روڊ ، ميھڙ ڀٽي روڊ، ميھڙ واه عارف روڊ تان به پاڻي لھي رھيو آھي جنھن سبب ميھڙ جا لنڪ روڊ ظاھر ٿيڻ شروع ٿي ويا آھن .