چارسدا(م ڊ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي چارسدا ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي پهچڻ تي ٻوڏ متاثر احتجاج ڪيو. عمران خان جي پهچڻ تي احتجاج ڪندڙن چيو ته اقتدار وڃڻ کانپوءِ عمران خان کي چارسدا ياد آيو آهي. هوڏانهن اي اين پي خيبر پختونخواهه جي صدر ايمل ولي خان به پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته پي ٽي آءِ چارسدا جي عوام جي ايڏي سڄڻ آهي ته ٻوڏ سٽيلن جي پرامن احتجاج تي لٺبازي ڇو ڪرائي وئي؟ سندس چوڻ هو ته اڳ ئي تڪليف ۾ مبتلا عوام جي پرامن احتجاج تي تشدد فسطائيت جو نئون مثال آهي، چارسدا جي عوام عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو، خالي ڪرسين کي تقرير ڪرڻ سندس عادت آهي، تقرير ٻڌڻ لاءِ ڪرائي تي ماڻهو آندا ويا.