ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز جي مشهور جوڙي ماهران خان ۽ همايون سعيد جلد وڏي اسڪرين تي گڏجي جلوا ڏيکاريندا. “بن روئي” ڊرامي ۽ فلم سان مشهور ٿيندڙ اسٽار جوڙي ماهرا خان ۽ همايون سعيد جلد پنهنجي نئين فل “لو گرو” ۾ گڏجي اداڪاري ڪندي نظر ايندا. گذريل سال همايون سعيد “لنڊن نهين جائونگا” جڏهن ته ماهران خان ٻن فلمن “قائداعظم زنده باد ۽ دي ليجنڊ آف مولا جٽ” ۾ نظر آئي هئي. نديم بيگ جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم “لو گرو“ ۾ مداح “بن روئي” کانپوءِ ماهرا ۽ همايون کي سينما گهرن ۾ گڏجي ڏسندا. اها فلم واسي چوڌري لکي آهي جنهن جي ڪهاڻي ته هن وقت تائين اڳيان نه آئي آهي پر اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها هڪ رومانوي فلم هوندي. فلم جي اعلان کانپوءِ مداحن طرفان سوشل ميڊيا تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو پيو وڃي پر ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ آهي ته هاڻي اهي همايون ۽ ماهرن کي هيرو ۽ هيروئن جو ڪردار ڪندي نٿا ڏسڻ چاهين بلڪ نوجوان اداڪارن کي فلمن ۾ ڏسڻ ٿا چاهين.