ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان جي گهر ۾ 2 اڻڄاتل ماڻهو ڀِت چڙهي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب ممبئي پوليس شاهه رخ خان جي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻن نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جڏهن جوابدار شاهه رخ خان جي گهر جي ڀِت چڙهي ٽپو ڏنو ته ان وقت شاهه رخ خان فلم جوان جي شوٽنگ لاءِ گهر کان ٻاهر هو، رات جو شاهه رخ گهر واپس آيو ۽ سمهي پيو جنهن کانپوءِ گهر جي سيڪيورٽي عملي اڱڻ ۾ لڪيل ٻنهي جوابدارن کي پڪڙي ورتو ۽ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس موجب انهن ٻنهي جوابدارن جو تعلق گجرات سان آهي جڏهن ته هنن جي عمر 19 ۽ 20 سال آهي. جاچ دوران جوابدارن ٻڌايو ته اهي شاهه رخ خان جا مداح آهن ۽ هن سان ملڻ لاءِ گهر ۾ گهڙي رهيا هئا. پوليس ٻنهي نوجوانن کان وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. واضح رهي ته پوليس کي فون تي اطلاع ڏنو ويو هو ته اميتاب، ڌرمندرا ۽ مڪيش امباني جي بنگلن کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ملي هئي.