اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره وفاقي حڪومت ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪندي عمران خان جي ڪاميابي مڃي ورتي آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ چاهي پئي هو ڪامياب ٿي ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ گهرجي، قومي اسيمبلي کي ٽوڙڻ جو ڪو جواز نه آهي.