لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي پاران اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ تي پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز پارٽي جي صوبائي قيادت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، هنن ان معاملي تي فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پارٽي ذريعن موجب نوازشريف پڇاڻو ڪيو ته پارٽي قيادت کي آگاهه ڪيو ويو هو ته تحريڪ انصاف جا گهٽ ۾ گهٽ 7 ناراض ميمبر پي ڊي ايم سان رابطن ۾ آهن، پوءِ ناراض ميمبر ڪيئن ووٽنگ جي لاءِ پهچي ويا، انهن کي مينيج ڇو نه ڪيو ويو. پارٽي ذريعن موجب راڻا ثناءُالله نوازشريف ۽ مريم نواز کي معاملي تي شروعاتي رپورٽ پيش ڪندي مريم نواز کي فوري طور تي ملڪ واپسي جي تجويز ڏني، هن چيو ته مريم نواز فوري طور تي ملڪ واپس نه پهتي ته پارٽي کي نقصان ٿي سگهي ٿو. جنهن بعد فيصلو ڪيو ويو آهي ته نواز شريف به وطن واپس ايندو پر ان کان اڳ مريم نواز هڪ ٻن هفتن اندر واپس اچي ويندي. جيڪا چونڊ مهم به هلائيندي ۽ پارٽي کي به سنڀاليندي. نواز شريف جي واپس اچڻ تي هو به پارٽي جي چونڊ مهم ۾ حصو وٺندو.