اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي صدر ۽ سينئر پارليامينٽرين وسيم سجاد چيو آهي ته وزيراعظم پاڻ به قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ بعد وزيراعظم پاڻ ئي محسوس ڪري سگهي ٿو ته هاڻ حڪومت جو ڪو فائدو نه آهي ان ڪري اسيمبلي ٽوڙي وڃي ۽ عام چونڊون ڪرايون وڃن. پي ڊي ايم ۾ به اها صلاح وڃي سگهي ٿي.