ڪراچي: صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن ۽ ڪامورن کي سالياني الائونس طور 4 ڪروڙ 98 لک 65 هزار رپيا  جاري ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته صحت کاتي اندر ڪم ڪندڙ ملازمن ۽ ڪامورن کي سال ۾ هڪ بيسڪ پگھار الائونس طور ڏيڻ جي مد ۾ به 5 ڪروڙ رپين تائين رقم خرچ ظاهر ڪئي وئي آهي.