ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڌاڙيلن دهلارين کي بخش نه ڪيو، ڏوهارين شادي تقريب جو ڏٽو ڏئي گروپ کي چنيوٽ کان سنڌ- پنجاب دنگ واري شهر صادق آباد گهرائي 9 دهلارين ۽ فنڪارن ۽ ناچو ڇوڪرن کي اغوا ڪري ورتو، وارثن کان هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب. خبر موجب شادين جي تقريبن ۾ بينڊ باجا ۽ دهل وڄائيندڙ چنيوٽ (پنجاب) جي رهواسي فنڪارن، دهلارين ۽ ننڍي عمر جي ناچو ڇوڪرن انصر علي، سمبل، شفقت علي، بلال، مشتاق، اسماعيل، قمر عباس، طيب ۽ نعمان عليءَ کي ڌاڙيلن شادي تقريب جو ڏٽو ڏيئي سنڌ- پنجاب جي دنگ واري شهر صادق آباد ويجهو اغوا ڪري ورتو. مغوين جا وارث ايس ايس پي رحيم يار خان وٽ پهچي ويا. ان سلسلي ۾ رحيم يار خان پوليس جو چوڻ آهي ته پراسرار نموني گم ٿي ويل فنڪارن جي موبائيل فون نمبرن جي آخري لوڪيشن ڪشمور جي بڊاڻي واري علائقي ۾آئي، جنهن بعد سندن فون بند ٿي ويا. پوليس ذريعن موجب ته ڌاڙيلن مغوين جي وارثن کان هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ اي ايس پي صادق آباد شاهزيب چاچڙ ٻڌايو ته دهلاري شادي تقريب جي ڏٽي ۾ اچي اغوا ٿي ويا آھن. فنڪار اسان جي حد مان اغوا ناهن ٿيا. سندن آخري لوڪيشن ڪشمور جي بڊاڻي واري علائقي ۾ آئي آھي. ماڻهن کي خبردار ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر اهي سمجهن ئي ڪونه ٿا، هرکجي يا لالچ ۾ اچي ڏوهارين وٽ پچي اغوا ٿي وڃن ٿا. ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هاڻي ڪو به ڌاڙيل پڪي تي اچي ماڻهو اغوا ڪرڻ جي جرئت نٿو ڪري، ماڻهو پاڻ لالچ ۾ اچي ڪڇي ۾ ڌاڙيلن وٽ پهچي وڃن ٿا. آخري اطلاعن تائين مغوي فنڪار بازياب نه ٿي سگهيا هئا، نه وري ڪيس داخل ٿي سگهيو هو.