شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور مان ھفتو اڳ مبينا اغوا ٿيل 4 ڄڻا بددستور ڌاڙيلن وٽ قيد، مغوي جي وارثن جو روڊ بند ڪري ڌرڻو،  ان ڏس ۾  اغوا ٿي ويل عبدالرزاق شيخ، لطف الله ميمڻ، صابر علي ميمڻ ۽  ڊرائيور ھدايت الله ميمڻ جي بازيابي لاءِ وارثن جاني شيخ، رانجھن شيخ، ريشما، روزينا، جبل شيخ، جمعو شيخ ۽ ٻين سکر_ شڪارپور نيشنل ھاءِ وي جيل چورنگي وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته  اسان جي ماڻهن کي اغوا ٿئي ھفتو گذري ويو آهي پر پوليس بازيابي لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي.