شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپورچاڪر شهر جي شاهي بازار جي مشهور واپاري عبدالحميد ميمڻ پنهنجي گهر ڀاتين سان عمري تي ويل هيو ۽ گهر کي تالا لڳل هئا، اڄ عمري جي سعادت حاصل ڪري گهر ڀاتين سان گڏ  واپس موٽيا ته  گهر جي ڪمرن جا تالا ٽٽل هيا، گهر ڀاتين موجب ته 30 تولا سونا زيور،  5 لک روڪ رقم   ۽ ٻيو به قيمتي سامان گهر مان چوري ٿي ويو آهي،  هوڏانهن واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.