رتوديرو (ن پ ا) رتيديري ۾ معصوم ٻارڙي گندي نالي ۾ ٻڏي فوت، گھر ۾ ڪهرام، خبر موجب شهر جي واپڊا گرڊ اسٽيشن محلي ۾ 3 ورهين جي ٻارڙي زنيرا ڌيءُ نعيم علي ميمڻ پنهنجي گھر ٻاهران گندي نالي ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي، ان سلسلي ۾ ٻارڙي جي والد ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس نياڻي صبح جو سوير گھر مان ٻاهر نڪري وئي، جنهن بعد هوءَ گم ٿي وئي، نياڻي جي گھڻي دير ڳولا ڪئي پر هن جو ڪو به ڏس پتو نه پيو، جنهن بعد گھر ٻاهران گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ٺهيل نالي مان ٻارڙي جو لاش مليو، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، نياڻي اوچتو نالي ۾ ڪري فوت ٿي آهي، واقعي سبب ٻارڙي جي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو.