شام ۾ 40 ڪلاڪن بعد ملبي ۾ دٻيل خاندان کي زنده ڪڍيو ويو

0
244

ترڪيه ۽ شام ۾ 6 فيبروري تي آيل زلزليجون تباهين جو سلسلو جاري آهي، پر ڪيترا ڪيترا ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود ملبي ۾ دٻيل خاندانن کي جيئرو ڪڍڻ جا معجزاتي منظر به حيران ڪندڙ آهن

غيرملڪي خابرو اداري موجب شامي شهر ادلب جي ڳوٺ بسنيا ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ جتي ڪيتريون ئي عمارتون مٽي جو ڍير بڻجي ويون آهن اُتي هڪ پورا خاندان به ملبي ۾ دٻجي ويو، جنهن کي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ بعد ريسڪيو اهلڪار جيئرو ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن

Image

شام جي سول ڊفينس گروپوائٽ هلمٽ جي طرفان سوشل ميڊيا تي ان خاندان جي ماڻهن کي جيئرو ڪڍڻ جي منظرن کي حقيقي معجزو قرار ڏيندي شيئر ڪيو ويو آهي

Image

شيئر ڪيل وڊيو ۾ اهلڪار کي مشينن ذريعي ملبي کي هٽائڻ ۽ پوءِ پوري خاندان جي ماڻهن کي معجزاتي طور تي جيئرو ڪڍندي ڏسي سگهجي ٿو

Image

وڊيو ۾ ملبي ۾ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ وقت ماڻهن جو وڏو انگ اهو معجزو ڏسڻ جي لاءِ موجود هو، جن ڪيترن ڪلاڪن بعد به ملبي ۾ دٻيل ماڻهن کي جيئرو ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ الله اڪبر جا نعرا به لڳايا

هي به پڙهندا

ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 8 هزار کان وڌي ويو