ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 8 هزار کان وڌي ويو

0
238
ترڪيه ۽ شام ۾ خوفناڪ

ترڪيه ۽ شام ۾ خوفناڪ زلزلي جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 8 هزار کان وڌي ويو، ڊبليو ايڇ او طرفان فوتين جو انگ 20 هزار تائين پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيوويو آهي

يونيسڪو جو چوڻ آهي ته ترڪي جي علائقي دياربڪر ۽ شام جي علائقي حلب ۾ تاريخي عمارتن کي به شديد نقصان پهتو آهي، زلزلي سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ٽيمن طرفان ملبي ۾ دٻيل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن

برطانوي سرڪار طرفان ترڪي جي زلزلي سٽيل علائقن ۾ سرچ ۽ ريسڪيو جا ماهر اُماڻن جو اعلان ڪيو ويو آهي، چين طرفان ترڪي جي امداد لاءِ 5 ڪروڙ 89 لک ڊالرز رکيا ويا

پاڪستان پاران به ترڪي ۽ شام ڏانهن امدادي سامان اماڻڻ جو سلسلو جاري آهي، اين ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي شام جي زلزلي سٽيلن لاءِ خيمن ۽ ٻئي سامان تي ٻڌل کيپ اماڻي وئي آهي

اسلام آباد ايئرپورٽ تان خصوصي چارٽرڊ اڏام ذريعي امدادي سامان دمشق اماڻيو ويو، ترڪي ۽ شام ڏانهن وڌيڪ امدادي سامان روڊ رستي به اماڻيو ويندو

هي به پڙهندا

ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جون تباهيون، هانءُ ڏاريندڙ منظر