بولڊ لباس پهرڻ کان انڪار تي بالي ووڊ ۾ مون کي مغرور چيو ويو

0
335
بولڊ لباس پهرڻ کان انڪار

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن چيو آهي ته هن کي فلمن ۾ بوڊ لباس نه پهرڻ تي مغرور سمجهيو ويندو آهي

بالي ووڊ جي ماضيءَ جي مشهور اداڪارا روينا ٽنڊن انڪشاف ڪيو آهي ته مونکي فلمن ۾ سوئمنگ سوٽ ۽ ٻيو بولڊ لباس پهرڻ کان انڪار ڪرڻ تي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو هو

هڪ ويجهڙ ۾ ڏنل انٽرويو ۾ اداڪارا ٻڌايو ته مان فلمن ۾ ريپ جا منظر رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ فلسازن اڳيان شرط رکيا هئا ته ان دوران منهنجو لباس ڦاٽل نه هوندو پوءِ ئي مان اهڙا سين رڪارڊ ڪرائينديس، جنهن تي مونکي مغرور چيو ويو

روينا ٽنڊو جو چوڻ هو ته مشهور فلم “ڊر” ۾ مک ڪردار لاءِ پهريان مونکي آڇ ٿي هئي،  پر ڪجهه سينز جي ڪري مون اهڙي آڇ رد ڪئي هئي

هن چيو ته مان واحد اداڪارا هيس جنهن سان فلم لاءِ ريپ سين رڪارڊ ته ڪيو ويو پر منهنجو لباس مڪمل هو ۽ ڪپڙا ڦاٽل به نه هئا