سکر ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي سرعام قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
گذريل ڏينهن عدالت ۾ حاضري بعد ڪار ۾ گهر واپس ويندڙ رينجرز جي لانس نائڪ علي اڪبر سولنگي ۽ سندس گهرواري زينت گڏاڻي تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي
پوليس موجب فائرنگ ۾ ٻئي زال مڙس مارجي ويا ۽ هڪ نينگري زخمي ٿي پئي هئي
پوليس ايف آءِ آر ۾ 6 سڃاتل ۽ 2 اڻڄاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو آهي،جڏهن ته مقتوله زينت گڏاڻي جي ماءُ ۽ اڳوڻي مڙس مدد علي جا نالا به نامزد ڪيا ويا آهن
مدد علي مقتولن خلاف نڪاح مٿان نڪاح ڪرڻ جو ڪيس به داخل ڪرايو هو
هي به پڙهندا