سکر(بيورو رپورٽ) سکر سول اسپتال مان معصوم ٻارڙي جي اغوا وارو معاملو، 16 ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس ڪشمور واسي معصوم غالب گولو کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، ٻارڙي جي اغوا جي ڊاڪٽرن مٿان ايف آءِ آر خلاف ڊاڪٽر ۽ عملو سراپا احتجاج بڻيل،گذريل ٻن ھفتن کان اسپتال جو مڪمل طور بائيڪاٽ، احتجاجي مظاھرن وارو سلسلو به جاري، ھزارين مريض پريشان، سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتو خاموش تماشائي بڻيل. تفصيل موجب غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جي ٻارڙن واري وارڊ جي انچارج پروفيسر ڊاڪٽر غلام رسول ٻوڪ ۽ ڊاڪٽر خادم منگي سميت 10 ڄڻن خلاف ڪشمور واسي معصوم ٻارڙي غالب حسين جي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان پوءِ گذريل 16 ڏينھن کان ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل عملي طرفان او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج وارو سلسلو جاري رکيو ويو. ڪالهه به پي ايم اي اڳواڻ ڊاڪٽر افتخار شاھ، ڊاڪٽر عبدالمجيد جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاليج جي مک گيٽ کان ريلي ڪڍي ٻارڙن واري وارڊ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاھرين  پوليس ۽ لاڳاپيل اختيارين خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن ڊاڪٽرن مٿان داخل ايف آءِ آر ختم نه ڪئي وئي ته ايمرجنسي توڙي آپريشن واري ٿيئٽر جو پڻ مڪمل طور بائيڪاٽ ڪيو ويندو. اِن دوران نقصان جي ذميواري صحت کاتي، پوليس ۽ لاڳاپيل اختيارين مٿان عائد ٿيندي. ھوڏانھن علاج خاطر مختلف علائقن کان ايندڙ مريضن توڙي سندن وارثن سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته ڊاڪٽرن جو بائيڪاٽ ختم ڪرائي مريضن کي سھولتون فراھم ڪيون وڃن.