سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ ڀرسان ڳوٺ گھلپور ۾ ڪڻڪ جي ديري کي رات جي وقت مبينا طور باھ ڏني وئي، جنهن سبب ديري تي رکيل 110 ڪڻڪ جو ٻوريون سڙي خاڪ ٿي ويون. ان ڏس ۾ سيوھڻ ڀرسان ڳوٺ گھلپور ۾ ڪڻڪ جي ديري کي باھ لڳي وئي جنھن ڪري ديري تي رکيل 110 ڪڻڪ جو ٻوريون سڙي خاڪ ٿي ويون ان سلسلي ۾ گھرام خان پنجوٿو صحافين کي ٻڌايو ته ساڍا چار ايڪڙن تي مشتمل فصل آھي ۽ اڄ ٿريشر لڳرايو ھو ۽ فصل مان 250 سئو مڻ ڪڻڪ ٿي ۽ 110 ٻوريون ڪڻڪ جون ديري تي رکيل ھيون ۽ رات ٿي وڃڻ ڪري صبح جو اھي پنھنجي گھر منتقل ڪرڻيون ھيون رات دير سان ديري کي باھ لڳي وئي اسان کي شڪ آھي ته ھٿ سان ديري کي باھ ڏني وئي آھي ۽ مون کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي ۽ مون اھڙو اطلاع پوليس کي ڏنو آھي. ٻئي طرف پوليس باھ واري ھنڌ تي پھچي ديري جي مالڪ کان تفصيل وٺي باھ جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.