ڄامشورو (رپورٽر) وفاقي سرڪار پاران ھائير ايجوڪيشن ڪميشن کي تعليم کاتي جي ماتحت ڪرڻ واري فيصلي خلاف سنڌ يونيورسٽي جي استادن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي فاپواسا جي صدر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت پاران ھائير ايجوڪيشن ڪميشن کي تعليم کاتي جي ماتحت ڪرڻ وارو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي، اھڙي فيصلي سان ھائير ايجوڪيشن ڪميشن سميت سمورين يونيورسٽيون مالي بحران جو شڪار ٿي وينديون، وفاقي حڪومت فيصلو واپس وٺي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.