ڪراچي (نمائندن وٽان)  سنڌ ۾گيسٽرو 9 جانيون ڳڙڪائي ويو، ڪيترن ئي مريضن کي اسپتالن ۾ آندو ويو، وارثن اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻاٺ جون دانهون ڪيون. ان ڏس ۾  خيرپور ۾ گيسٽرو جي مرض تي ضابطو اچي نه سگهيو، 24 ڪلاڪن اندر خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن مان گيسٽرو ۾ مبتلا وڌيڪ 78 ٻارڙن کي سٽي اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪيو ويو. 24 ڪلاڪن دوران اسپتال داخل ڪيل ٻارڙن ۾ حسن، طيبه، مصور، ريشمان، نصيبان، روشن، عادل، احمد علي، آمنه، عظيم، سمير، نيلم، ضامن ۽ ٻيا شامل آهن. گيسٽرو سبب وڏي انگ ۾ ٻارڙن کي اسپتال داخل ڪرڻ سبب بيڊن جي کوٽ وارو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي. مٺياڻي ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو وبا پکڙجي وئي ڪيترائي ٻارڙا گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن گيسٽرو وگهي ٻه نينگر فوت ٿي ويا آهن. ڳوٺ ڪاريجا چانڊيا ۾ هڪ سال جي نينگر آيان علي پٽ عبدالرزاق مشوري نواب شاهه اسپتال ۾ دم ڏنو، جڏهن ته ڳوٺ گاجي مشوري ۾ ڏيڍ سال جي نينگر آيان علي پٽ پرويز مشوري گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو آهي.ان کان سواءِ ڪيترائي ٻارڙا گيسٽرو سبب اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. ڀرياسٽي ۽ آسپاس گيسٽرو مرض وڌي ويو  ڀرياسٽي جي ڳوٺ جاڙو سولنگي ھڪ ئي گھر جا ٽي ڄڻا جن ۾ ٻـ معصوم ٻارڙا تسمينا سولنگي شھباز سولنگي ۽ ھڪ عورت نسيم زال حزب الله سولنگي گيسٽرو مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آھن.فريدآباد جي  ڳوٺ سيدپور ۾ گيسٽرو وگهي عمران چانڊيو جي 5 ورھين جي  معصوم ڌيءُ عليشا چانڊيو فوت ٿي وئي. جڏهن ته  سائرا،اظھار چانڊيو،عروسه چنا سميت ڪيترائي ٻارڙا بيمار آهن. قصبو لڳ ڳوٺ سم شريف ۾ 9 سالن جي  گلستان ڌيءُ طالب چانڊيو ۽ ڳوٺ سومر سولنگي ۾ 12 سالن جو عجب پٽ الھڏنو سولنگي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا. ٽنڊوباگو جي ڳوٺ اميد علي جمالي ۾ 4 و رهين جو امتياز خاصخيلي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته   50 کان وڌيڪ ماڻهو گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. نيوسعيدآباد ۾ گيسٽرو وگهي ھڪ سال جي فائزا ڌيءُ احسان ڪيريو ۽ 12 ورهين جو  غلام علي پٽ آچر خاصخيلي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 15 ڏينهن ۾ تعلقي اسپتال آيل مريضن جو انگ 300 ٿي ويو آهي. ڄام صاحب ۾ گيسٽرو وگهي ٻارڙي ڪنيزه زرداري فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا مليريا ۽ گيسٽرو ۾ مبتلا آهن، دادو ۾  گيسٽرو وگهي وڌيڪ 100 ٻارڙن کي اسپتال داخل ڪيو ويو،جڏهن ته بسترن جي کوٽ سبب مريضن کي فرش تي ويهاريو ويو.