ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دودرياءَ  وٽ عمار ٽاور جي ٻئي  ماڙ تان نوجوان پراسرار نموني هيٺ ڪري فوت،  اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، هن وقت اهو نٿو چئي سگھجي ته واقعو خودڪشي، قتل يا حادثو آهي؟  پوليس موجب جنهن فليٽ ۾ واقعو پيش آيو، اهو هڪ رات لاءِ مسواڙ تي ورتو ويو هو، اطلاع آهن ته فليٽ ۾ پارٽي منعقد ڪئي وئي، امڪاني طور منشيات جو به استعمال ڪيو ويو، صبح جو 5 وڳي ڌاري 30 ورهين جو عادل هيٺ ڪِري پيو، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد جاچ ۾ مدد ملندي. پوليس موجب عادل پاڻ پرائيويٽ نوڪري ڪندو هو،  قتل بي السبب جو ڪيس داخل ڪري 6 ڄڻن  کي گرفتار ڪيو ويو آهي